شاهه ڪبير جي مزار

شاهه ڪبير جي مزار

شاهه ڪبير جي مزار

شاهه ڪبير جي مزار: شاهه ڪبير جي مزار وارو ماڳ سما دور سان تعلق رکي ٿو ۽ ضلعي بدين جي جوڻ شهر ۾ آهي. هيءَ مزار جنهن بزرگ جي آهي، اُهو شاهه ڪبير ولد شاهه جلال، ڄام نندي جي دور ۾ گذاري ويو هو. هڪ روايت آهي ته مشهور سپهه سالار دولهه دريا خان جو والد هو. جڏهن سندس وفات ٿي ته سندس پٽ قبوليو (دولهه دريا خان) ننڍڙو هو. يتيميءَ سبب خيرپور گنبي جي طرف آيو ۽ راٺوڙن ۾ گابار ٿي بيٺو ۽ اڳتي هلي دولهه دريا خان جي نالي سان مشهور ٿيو. قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ جي صنفن جي راءِ آهي ته تاريخ ۾ اهڙي ڪا به ثابتي نٿي ملي ته اها مزار دولهه دريا خان جي والد جي آهي.


لفظ شاهه ڪبير جي مزارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو